ڳاڙھي سميت سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾ غيرقانوني طور هلندڙ تيل جي ڊپو ۽ ايراني تيل وڪرو ڪندڙن کان ڪسٽم اھلڪارن جي اوڳاڙي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائر ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪسٽم اھلڪار سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ جوھو شهر ۾قائم هڪ غير قانوني ڊپو تان وصولي ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
ٻي طرف مختلف پيٽرول پمپن تي پڻ ايراني تيل هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب ڪيٽي بندر، ڳاڙھو جوھو ٻگھاڻ، اداسي سميت ۽ ٻين علائقن ۾ هر هنڌ تي غير قانوني ڊپو هلي رهيا آهن.
ٻي طرف سياسي سماجي ڌرين طرفان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾هلندڙ ڊپو خلاف ڪارروائي ڪري ايراني تيل وڪرو ڪندڙ پمپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.