ڳڙهي خيرو ۾ جوابدار بندوق جا فائر ڪري پنهنجي سالِيِ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس عورت جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
سول اسپتال پاڙي ۾ يعقوب جمالي بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ساليءَ حاڪمه سيال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
جوابدار ساليءَ کي مارڻ کانپوءِ پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.