تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ بي اي سکر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
آءِ بي اي سکر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ٽيسٽ ۾مجموعي طور 38 هزار 684 اميدوارن لاءِ سهولتون ڏنيون ويون، جنهن ۾ 32 هزار 288 اميدوار شريڪ ٿيا ۽ 6 هزار 396 غير حاضر رهيا، وي سي ڊاڪٽر احمد شيخ جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ جا قطعي نتيجا 18 ڊسمبر تي پڌرا ڪيا ويندا. جاري ڪيل انگ اکرن موجب امتحان سنڌ جي مختلف ٽيسٽ سينٽرن ۾ ٿيو، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوار ڪراچي جي، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ موجود هئا، جتي 5 هزار 165 اميدوار شريڪ ٿيا. انگ اکرن ۾ چيو ويو ته سڀ کان وڌيڪ حاضري جو ريشو 89 ڏهائي 55 سيڪڙو لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ رهيو، جڏهن ته سڀ کان گهٽ حاضري ڪراچي يونيورسٽي ۾ نظر آئي، ان کانسواءِ حيدرآباد، ڄامشورو ۽ سکر ۾ وڏي تعداد ۾ اميدوار امتحان ۾ شريڪ ٿيا. آءِ بي اي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڄامشورو ۽ ڪراچي ۾ 2 جعلي اميدوار گرفتار ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر احمد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي ستن هنڌن تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي حوالي سان سينٽر قائم ڪيا ويا، سموري اسٽاف ۽ سيبا ٽيسٽنگ سروسز انتظاميا جي محنت سان ٽيسٽ ڪاميابي سان ٿي. هن چيو ته 14 ڊسمبر تي رات تائين شروعاتي نتيجا پڌرا ڪيا ويندا،  جن اميدوارن کي شروعاتي نتيجن تي اعتراض هوندو آهي اهي ٽن ڏينهن تائين  اعتراض داخل ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته 17 ڊسمبر جي رات دير تائين اعتراض داخل ڪرائي سگهن ٿا،  18 ڊسمبر تي فائنل نتيجا پڌرا ڪيا ويندا. وي سي پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته پوري سنڌ ۾ 38 هزار 684 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي، 6هزار 396 اميدوار غير حاضر رهيا، اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٻه ٻه غير واسطيدار ماڻهو نڪتا، اميدوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، جواب نه مليو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته 20 سالن کان ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيندو رهيو، ان ڪري عدالت جي حڪم تي کين ٽيسٽ جي ذميواري ڏني وئي. وي سي پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته کين هڪ مهيني ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم مليو، جيڪا هُنن ٽن هفتن ۾ ڪامياب ٽيسٽ ڪري ڏيکاري. هن چيو ته پيپر ٺاهڻ کان پيپر پهچائڻ تائين تمام مرحلي کي ان هائوس ۽ ڳجهو رکيو، پي ايم ڊي سي پاران اپرول ڪيل نصاب مان 200 سوالن تي ٻڌل پيپر ٺاهيو، مختلف تعليمي بورڊن جي نصاب جي 2000 سوالن مان 200 سوال پيپر لاءِ چونڊ ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته عام رواجي ٽيسٽ هئي پر جيڪا سنڌ جي عوام موٽ ڏني آهي، سا غيرمعمولي آهي، ڪنڌ جهڪائي عوام جو ٿورو مڃي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون