تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا واقعا هاڻي نه هئڻ برابر آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هائيڪورٽ ڪراچي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتن جي سيڪيورٽي بابت خاص اجلاس گهرايو ويو هو ۽ اهڙيون گڏجاڻيون باقاعدگي سان ٿينديون رهنديون آهن. هن چيو ته پوليس ۾ افرادي قوت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ ٽيڪنالاجي بنياد تي سيڪيورٽي جو نئون نظام تيار ڪيو پيو وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اڳ ڀتي خوري جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيندا هئا، جنهن کي روڪڻ لاءِ سي آءِ اي جو خاص يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ ان جي ڪارروائين سبب اهڙا ڪيس هاڻي نه هئڻ جي برابر ٿي ويا آهن. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي وڏو شهر آهي، هڪ به شڪايت گهڻي هاءِ لائٽ ٿي وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته ڀتي خوري جا واقعا ٿين ٿا پر پوليس فوري عمل ڪندي آهي، ڪيترائي ڀتي خور مقابلي ۾ مارجي ويا يا گرفتار ٿي وڃن ٿا. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هلندڙ سال لڳ ڀڳ 140 ڀتي خوري جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن مان اڌ کان وڌيڪ ڪيس حقيقت ۾ ڀتي جا نه پر لين دين جا معمولي تڪرار هئا، جن کي ڀتي جو رنگ ڏنو ويو. آءِ جي سنڌ چيو ته اهڙن واقعن ۾ پوليس کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن وقت تي اطلاع نه ڪيو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي ته فوري رسپانس ڏنو وڃي ۽ اهڙن ڪيسن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد شهرين کي تحفظ جو احساس مهيا ڪرڻ آهي، جيڪو انهن واقعن جي خاتمي بعد ئي ممڪن آهي. آءِ جي سنڌ غلام نمبر ميمڻ چيو ته بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته منشيات وڪڻندڙن جون فهرستون تيار ڪيون ويون آهن، جن مان 90 سيڪڙو جوابدار گرفتار ڪري جيل موڪليا ويا آهن. هن چيو ته منشيات وارن جوابدارن کي ضمانت ملڻ ۾ پوليس جي ڪردار جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي، جاچ کاتي کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ڪيسن کي مضبوط بڻايو وڃي. اورنگي ٽائون ۾ مبينا ڦورو کي ساڙڻ واري واقعي بابت آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته پوليس کي وقت سر صحيح ريسپانس ڪرڻ گهرجي ها پر جڏهن پوليس پهتي تڏهن نقصان ٿي چڪو هو. آءِ جي پوليس چيو ته ڄاڻايل واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ چار جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ به جاري آهي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.8 ° C
12.8 °
12.8 °
28 %
2.8kmh
43 %
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون