- Advertisement -
آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 11 سال گذري ويا، 2014ع تي اڄ جي ڏينهن ئي دهشتگردن مصعوم معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو هو.
16 ڊسمبر 2014ع تي دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پساور تي تي حملو ڪري معصوم 132 ٻارن، عورت استادن ۽ اسٽاف سميت 147 ڄڻن کي شهيد ڪيو هو.
اي پي ايس سانحي نه صرف پاڪستاني قوم پر سموري دنيا کي غمگين ڪري ڇڏيو هو.
افغانستان ۾ ٽريننگ ورتل دهشتگردجديد هٿيارن ليس ۽ سرڪاري اهلڪارن جي وردي ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي ڀت اورانگهي داخل ٿيا ۽ انهن شاگردن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، خارجين معصوم ٻار کي ڳولهي ڳولهي گولين جو کاڄ بڻايو هو.
سڪيورٽي فورسز فوري طور تي پهچي اي پي ايس جو گهيرو ڪيو ۽ ڊگهي ڪارروائي کانپوءِ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي 6 آپگهاتي بمبارن کي ماري ڇڏيو آپريشن دوران ٻن اهلڪارن سميت 9 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا هئا.
سانحي کي 11 سال گذرڻ باوجود شهيد ٻارن جا وارث ۽ قوم اڄ به ڏک ۾ ورتل آهن، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ تقريبون رٿيل آهن………
- Advertisement -
