آسٽريليا ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز  ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو

spot_img
آسٽريليا ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز  ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو. هوبارٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم ارڙهن ڏهائي هڪ اوورن ۾ 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان بابر عظم 41، حسيب الله خان 24 ۽ شاهين شاهه آفريدي سورهن رنسون ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريليا طرفان ايرون هارڊي 3، زمپا ۽ اسپينسر 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان طرفان مليل 118 رنسن جو حدف آسٽريلين ٽيم يارهن ڏهائي 2 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري نه رڳو ميچ کٽي ورتي پر سيريز به پنهنجي نالي ڪئي. آسٽريليا طرفان مارڪس اسٽوئنس 61، جوش انگلس 27 ۽ جيڪ فريسر 18 رنسون ٺاهيون. مارڪس اسٽوئنس ميچ ۽ مارڪس اسپينسر کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون