تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي پهرين مسلمان ميئر ظهران ممداني پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو

- Advertisement -
آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي پهرين مسلمان ميئر ظهران ممداني پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو . ظهران ممداني نيويارڪ جو پهريون مسلمان، پهريون ڏکڻ ايشيائي ۽ پهرين آفريڪي نسل جو ميئر بڻجي ويو آهي. قسم کڻڻ کانپوءِ ظهران ممداني چيو ته نيويارڪ جي عوام کي نئين سال جي مبارڪ هجي، ميئر طور قسم کڻڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. نيويارڪ جي نئين چونڊيل ميئر ظهران ممداني اڌ رات جو سٽي هال هيٺان هڪ ڊگهي عرصي کان بند سب وي اسٽيشن ۾ پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. ظهران ممداني قرآن پاڪ تي هٿ کڻي پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيويارڪ سٽي جي ڪنهن ميئر قرآن پاڪ تي هٿ رکي پنهنجو عهدي جو قسم کنيو آهي. ماضي ۾ گهڻي قدر ميئر بائبل تي هٿ رکي قسم کڻندا رهيا آهن، آئيني طور ڪنهن مذهبي ڪتاب جو استعمال لازمي ناهي. ظهران ممداني قرآن پاڪ جا ٻه نسخا استعمال ڪيا جنهن ۾ هڪ سندس ڏاڏي طرفان ڏنل قرآن ۽ ٻيو صديون پراڻو مختصر قرآني نسخو شامل آهي. صديون پراڻو تاريخي قرآني نسخو نيويارڪ پبلڪ لائبريري جي شومبرگ سينٽر ۾ محفوظ آهي ۽ ارڙهين يا اڻويهين صدي سان تعلق رکي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته قرآن پاڪ عام ماڻهن جي استعمال لاءِ تيار ڪيو ويو هو جيڪو سندس سادگي ۽ عوامي پهچ جي علامت آهي. ظهران ممداني يوگنڊا ۾ جنم ورتو ۽ نيويارڪ ۾ وڏو ٿيو، جڏهن ته سندس گهر واري آمريڪي ڄائي شامي آهي. چونڊ مهم دوران ظهران ممداني مهانگائي ۽ شهري مسئلن تي ڌيان ڏنو پر هن پنهنجي مسلم سڃاڻپ کي به کليل نموني پيش ڪيو. ظهران ممداني جي اڀرتي سياسي ڪاميابيءَ سان اسلامو فوبيا ۽ تنقيد به سامهون آئي آهي، ڪجهه قدامت پسند حلقن سندس قرآن پاڪ تي قسم کڻڻ تي اعتراض ڪيو. ظهران ممداني واضح ڪيو ته هو پنهنجي سڃاڻپ يا عقيدي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندو ۽ پنهنجي زندگي ۽ ايمان کي فخر سان سڀني سامهون رکندو. قسم کڻڻ کانپوءِ استعمال ٿيل تاريخي قرآن نيويارڪ پبلڪ لائبريري ۾ عوامي نمائش لاءِ رکيو ويندو،
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
22 %
0.9kmh
100 %
سُومر
16 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون