- Advertisement -
يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته هـُو آمريڪا سان معدني معاهدي لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي آچر تي لنڊن ۾ يورپي اڳواڻن جي سربراهي اجلاس کان پوءِ برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته يوڪرين آمريڪا سان معدنيات معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
يوڪريني صدر چيو ته جيڪو معاهدي ميز تي آهي ان تي صحيح ٿي ويندي جيڪڏهن ڌريون تيار آهن، يقين آهي ته امريڪا به معدنيات جي معاهدي لاءِ تيار هوندو.
واضع رهي ته معدنيات جي هن معاهدي کي يوڪرين ۾ جاري ويڙهه کي ختم ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ هڪ اهم قدم سمجهيو پيو پئي ويو.- Advertisement -
