آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان حملي جي مذمت ڪندي مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿو ملر چيو ته هو ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به اظهار جي آزادي ۽ پر امن اجتماع جي حمايت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته مظاهرين کان مطالبو ڪن ٿا ته هو پرامن طريقي سان مظاهرو ڪن ۽ تشدد کان پاسو ڪن.
ميٿو ملر پاڪستاني اختيارين کان انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي احترام جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻايو وڃي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻي.
