- Advertisement -
آمريڪا غزا جنگبندي جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف غزه ۾ جنگ بندي واري پنهنجي منصوبي جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسٽيو وِٽڪوف چيو ته، صدر ٽرمپ جو 20 نقاطي غزه منصوبو هاڻي جنگ بندي کان اڳتي وڌي رهيو آهي، منصوبو غزا کي غير فوجي ڪرڻ، ٽيڪنوڪريٽڪ حڪومت ۽ نئين سر اڏاوت جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
وِٽڪوف موجب ٻئي مرحلي تحت، غزه ۾ هڪ عبوري ٽيڪنوڪريٽڪ فلسطيني انتظاميه قائم ڪئي ويندي، جنهن کي غزه جي انتظاميه جي قومي ڪميٽي اين سي اَي جِي سڏيو ويندو،
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اميد رکي ٿو ته حماس پنهنجي سڀني ذميدارين جي مڪمل طور تي پاسداري ڪندو، جنهن ۾ آخري يرغمال جي لاش جي فوري واپسي شامل آهي.
وِٽڪوف خبردار ڪيو ته ائين ڪرڻ ۾ ناڪامي جا سنگين نتيجا نڪرندا.
اسٽيو وِٽڪوف چيو ته جنگ بندي جي پهرين مرحلي دوران، تاريخي انساني امداد فراهم ڪئي وئي ۽ جنگ بندي برقرار رکي وئي، سڀني زنده يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته 28 يرغمالين مان 27 جا لاش واپس ڪيا ويا.
وٽڪوف هن اڳڀرائي ۾ مصر، ترڪي ۽ قطر جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏنو………..
- Advertisement -
