تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ امن معاهدو ڪرائي ڇڏيو آهي.

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ امن معاهدو ڪرائي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ امن معاهدو ڪرائي ڇڏيو، وائيٽ هائوس ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ آرمينيائي وزيراعظم نيڪول پشينيان آمريڪي  صدر سان ملاقات کانپوءِ مڪمل جنگبندي معاهدي تي صحيحون ڪيون، ڊونلڊ ٽرمپ معاهدي تي گواهه طور صحيح ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي سربراهن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته آذربائيجان ۽ آرمينيا جي قيادت خاطري ڪرائي آهي ته اُهي جنگ نه ڪندا، ٻنهي ملڪن سان ٽيڪنالاجي معاهدن ۾ اي آءِ ڊيلز شامل رهنديون. هن وڌيڪ چيو ته آذربائيجان تي فوجي سهڪار تي پابنديون هٽائي رهيا آهن، هو جنگ نٿو چاهي، امن ۽ واپار گهري ٿو، هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ به روڪرائي. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، امن لاءِ هڪ نئون رستو کلي ويو آهي، هو آمريڪا سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري شروع ڪرڻ وارا آهن، آذربائيجان ۽ آرمينيا ذميواري سان اڳتي وڌندا. آرمينيائي وزيراعظم نڪول پشينيان چيو ته صدر ٽرمپ سڄي دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي آذربائيجان ۽ آرمينيا جي سربراهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو نوبيل انعام ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
56 %
1kmh
28 %
اربع
11 °
خميس
13 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون