- Advertisement -
غزه جي هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيل جا ظلم جاري آهن، يهودي فوج ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 150 فلسطينين کي شهيد ۽ 313 کي زخمي ڪري ڇڏيو.
غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته يهودي فوج رهائشي عمارتن ۽ اسپتالن تي حملا ڪري رهي آهي، اسرائيلي فوج ڊاڪٽرن ۽ بي گهر ماڻهن کي اسپتال خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي.
غزه جي صحت واري وزارت موجب، 7 آڪٽوبر کان هينئر تائين يهودي فوج جي حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 26 هزار 900 ٿي ويو جڏهن ته 66 هزار جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن غزه جي هڪ اسڪول مان ٽيهه ڄڻن جا هٿ پير ٻڌل لاش هٿ آيا آهن.
ٻئي پاسي حماس جا اسرائيلي فورسز تي جوابي حملا جاري آهن، حملي ۾ ڪيتريون ئي اسرائيلي ٽينڪ تباهه ٿي ويا جن جي ويڊيو حماس طرفان جاري ڪئي وئي آهي……….- Advertisement -
