تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد هائيڪورٽ جي اٺن ججن کي پائونڊر سان ڀريل ڌمڪيءَ وارا خط مليا

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ جي اٺن ججن کي پائونڊر سان ڀريل ڌمڪيءَ وارا خط مليا آهن، جنهن جي پوليس  جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب هڪ جج جي اسٽاف خط کوليو ان ۾ پائونڊر موجود هو،  جنهن تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. اسلام آباد پوليس اسلام آباد هائيڪورٽ پهچي وئي، جڏهن ته ماهرن جي ٽيم کي به گهرايو ويو. عدالتي ذريعن موجب خط اندر  ڌمڪائڻ وارو نشان موجود آهي، ريشم نالي عورت بنا ايڊريس لکيل خط ججن ڏانهن موڪليا. عدالتي ذريعن ٻڌايو اسٽاف خط کوليو ته ان  ۾ پائونڊر هو، خط کولڻ بعد اکيون سڙڻ شروع ٿي. اسلام آباد هائيڪورٽ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي پوليس کي طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق خط ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ته کين خط مليا آهن، ٻڌڻي ۾ دير به ان جي ڪري ئي ٿي آهي، بنيادي طور هائيڪورٽ کي ڌمڪايو ويو آهي. ججن کي ملندڙ شڪي خط ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ حوالي ڪري ڇڏيا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
25 %
4kmh
46 %
ڇنڇر
20 °
آچر
22 °
سُومر
21 °
اڱارو
18 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون