تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ٻن مهينن لاءِ 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هلندڙ مال سال دوران ناڻي واڌ جي شرح 20 کان 22 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته ايندڙ مهينن دوران مهانگائي ۾  ترتيبوار گهٽتائي ٿيندي ۽ ٻئي شماهي ۾  دوران مهانگائي تيزي سان گهٽ ٿيندي. سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح کي5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جو ٽارگيٽ برقرار آهي، مالي سال 2025 جي پڄاڻي تائين مهانگائي جي شرح پنج کان ست سيڪڙو اچڻ جو امڪان آهي. جميل احمد چيو ته معاشي ترقي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين رهندي،  معاشي  شرح اندروني ۽ پرڏيهي صورتحال تي آهي. هن چيو ته شيون ٻاهران گهرائڻ تي سموريون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن، امپورٽ لاءِ مارجن جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته بئنڪون پنهنجي ڪريڊٽ پاليسي ۽ رسڪ ڏسندي فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن، ڪسٽمر هڪ کان ٻئي بئنڪ تي وڃي سگهي ٿو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته هاڻي پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 8 ڏهائي 7 ارب ڊالر تي اچي ويا آهن، پرڏيهي قرضن جي ادائگي به ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت فنانسنگ لاءِ انفلوز انتظام ڪيا آهن،  پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا  ڊسمبر ۾ بهتر ۽ جون ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته ايندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح وڌيڪ بهتر ٿيندي، ايڪسٽرنل سائڊ مسئلا حل ٿيڻ جي صورت ۾ معاشي شرح مستحڪم ٿي وئي ۽ تسلسل سان جاري رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون