- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته الزام لڳائڻ، نااميدي پکيڙڻ، طاقت ۽ پيسي سان پيدا ٿيندڙ رتبي کي سماج ۾ هٿي وٺرائڻ سان ملڪ ۾ ناڪاري قدر پکڙيا آهن، سندن ملڪ ۾ ماڻهو عوام جي خدمت لاءِ نه پر پنهنجي سماجي رتبي لاءِ آفيسر ٿيندا آهن، جيڪي راڄ ڪرڻ جي خيال سان آفيسر ٿيندا آهن اهي خدمت ڪيئن ڪري سگهندا.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جو دورو ڪري شاگردن کي ليڪچر ڏنو.
شاگردن کي ليڪچر ڏيندي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته الزام لڳائڻ، نااميدي پکيڙڻ، طاقت ۽ پيسي سان پيدا ٿيندڙ رتبي کي سماج ۾ هٿي وٺرائڻ سان ملڪ ۾ ناڪاري قدر پکڙيا آهن.
سندس چوڻ هو ته وچولي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت وارو شاگرد اعليٰ عهدي تي هن دور ۾ نٿو پهچي سگهي، جيڪو ٽاپ ڪندو اهو ئي ڪامياب ٿي سگهندو.
آءِ جي سنڌ چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ ملڪ جو صدر اچڻو هو اتي ڪجهه نوجوان ايس ايس پي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ آيا هئا.
رفعت مختار چيو ته ڪانووڪيشن ۾ کيس ميڊل ملڻو هو، ايس ايس پيز کي ڏسي خيال آيو ته هو به هنن جيان ايس ايس پي ٿيندو.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته سندن ملڪ ۾ ماڻهو عوام جي خدمت لاءِ نه پر پنهنجي سماجي رتبي لاءِ آفيسر ٿيندا آهن، جيڪي راڄ ڪرڻ جي خيال سان آفيسر ٿيندا آهن اهي خدمت ڪيئن ڪري سگهندا…………- Advertisement -
