- Advertisement -
امريڪا، افغان پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن کي ويزا جاري ڪرڻ جو عمل فوري طور تي روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته پناهگيرن جي درخواستن تي به فيصلا پڻ معطل ڪيا ويا.
امريڪي پرڏيهي کاتي طرفان اعلان ڪيو ويو ته افغان پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن کي ويزا جاري ڪرڻ جو عمل فوري طور تي روڪيو ويو آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي موجب، امريڪي قومي سلامتي ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.
ٻئي پاسي يو ايس سٽيزن شپ اينڊ اميگريشن سروسز به پناهگيرن بابت سمورن فيصلن کي روڪڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ايجنسي ڊائريڪٽر جوزيف ايڊلو جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پرڏيهي جي جاچ پڙتال ۽ وڌ کان وڌ اسڪريننگ کي يقيني بڻائڻ تائين سمورا فيصلا روڪيا ويا آهن.
ان کان اڳ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ٽئين دنيا جي ملڪن کان هجرت کي مستقل طور تي روڪيو ويندو، اهڙن پناهگيرن جي شهرين رد ڪندا جيڪي داخلي امن کي نقصان پهچائين ٿا.
- Advertisement -
