- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته امريڪا، قرضن ۽ عالمي فنانسنگ جي شيطاني چڪر کان آزادي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته پاڪستان معيشيت جي ڊگھي مدتي صحت ان جي استحڪام لاءِ اهم آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي فوري طور معاشي صورتحال کي ترجيح ڏيڻي پوندي.
ميٿو ملر چيو ته ايندڙ ڪيترن ئي مهينن جون پاليسيون پاڪستانين لاءِ معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ اهم هونديون.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته امريڪا پاڪستان تي زور ڏئي ٿو ته هو آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان گڏ ميڪرو اڪنامڪ سڌارن تي ڪم جاري رکي.- Advertisement -
