- Advertisement -
امريڪا 19 ملڪن جي پناهگيرن جون سموريون اميگريشن درخواستون روڪي ڇڏيون، انهن ۾ گرين ڪارڊ ۽ امريڪي شهريت جون جون درخواستون به شامل آهن.
امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جن ملڪن جي اميگريشن درخواستون روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن ۾ افغانستان، ايران، ليبيا، ميانمار، صوماليه، سوڊان، ترڪمانستان، يمن ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
نيويارڪ ٽائمز موجب پابندي انهن ملڪن جي شهرين تي لاڳو هوندي جن تي ٽرمپ انتظاميا جون ۾ يو ايس سٽيزن شپ اينڊ اميگريشن سروسز اسٽيٽس حاصل ڪرڻ تي روڪيو هو.
يو ايس سٽيزن شپ اينڊ اميگريشن سروس موجب انهن ملڪن جي شهرين جي سمورن ڪيسن جي قطئي منظوري يا رد ڪرڻ جي فيصلي کي روڪيو ويو آهي، ان ۾ انهن ماڻهن جون درخواستون به شامل هيون جيڪي امريڪي شهري ٿيڻ جي ويجهو هئا.
ياد رهي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان اهو قدم افغان شهري جي نيشنل گارڊ تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ کنيو ويو آهي……….
- Advertisement -
