تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

انقره ۾ لبيا جي آرمي چيف محمد علي احمد الحداد سميت 5 ڄڻا جهاز حادثي ۾ فوت

- Advertisement -
انقره ۾ لبيا جي آرمي چيف محمد علي احمد الحداد سميت 5 ڄڻا جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. ترڪيه ۾ انقره کان طرابلس لاءِ ويندڙ جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ لبيا جي فوجي سربراهه سميت عملي جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ترڪ گهرو وزير جو چوڻ آهي ته جهاز شام 8 لڳي 10 منٽن تي روانو ٿيو، جڏهن ته 8 لڳي 52 منٽن تي رابطو ڪٽجي ويو. ترڪيا جي راڄڌاني انقره ۾ ايسن بوغا ايئرپورٽ تان لبيا جي گادي واري شهر طرابلس لاءِ ويندڙ جهاز ۾ اوچتو فني خرابي پيدا ٿي پئي. اڏام ڀرڻ جي 30 منٽن کانپوءِ جهاز جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ جهاز ٻيهر انقره ڏانهن رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر لينڊنگ کان اڳ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو. لبيا جي وزيراعظم آرمي چيف محمد علي احمد الحداد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف انقره مان طرابلس ويندي حادثي جو شڪار ٿيو، جڏهن ته برگيڊيئر جنرل محمود القتاوي، مشير الاساوي، ليفٽيننٽ جنرل الفطوري به جهاز ۾ سوار هئا. رپورٽن موجب لبيا جي جنرل محمد علي احمد الحداد ترڪيه جو دورو ڪيو، جتي هن ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي هئي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
22 %
0.9kmh
100 %
سُومر
16 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون