- Advertisement -
اوڏيرولال ڀرسان پراڻي تڪرار تان جوابدارن ٻن پورهيت نوجوانن کي قتل ڪرڻ بعد لاش ڪيلي جي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيا.
اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ دريا خان ڏاھري ڀرسان جوابدار ٻن پورهيت نوجوانن نظير ولد ٻڍو ڪوريجو ۽ ممتاز ولد سوڍو ڪوريجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ٻنهي نوجوانن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.
پورهيتن جا لاشن ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ پيل رهيا، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري پوليس لاش مٽياري کڻائي وئي،
پورهيتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ٻيئي نوجوان رات پاڻي جي واري تي ويل هئا، جن جا لاش اڄ صبح جو ڪيلي جي فصل مان هٿ آيا آهن.
هنن الزام هنيو ته سندن نوجوانن کي جوابدار رمضان کوسو، سونهارو کوسو، عبدالرحمان کوسو ۽ ٻين هٿ پير ٻڌي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش ڪيلي جي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيا.
ڪجهه مهينا اڳ ڪوريجا ۽ کوسا برادري ۾ گهٽي جي معاملي تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ کوسا برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿي ويو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي.
ٻن نوجوانن جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي…- Advertisement -
