تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اياز لطيف پليجيَ تڪراري آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجيَ تڪراري آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته سي سي آءِ مان سنڌ جي عوام جي خدشن باوجود تڪراري آدمشماري جا نتيجا قبول ڪرڻ جي ذميوار پ پ حڪومت آهي، تڪراري آدمشماري سنڌ جي ڊيموگرافي مٿان خطرناڪ وار آهي.

سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام “بهائنڊ دي نيوز” ۾ ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جو عوام تڪراري آدمشماري کي رد ڪري ٿو، هن پهرين ڏينهن کان ئي موقف اختيار ڪيو هو ته آدمشماري غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي.

هن چيو ته آدمشماري جا نتيجا رد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين، قومپرستن، مذهبي جماعتن ۽ سڄاڻ ڌرين کي تڪڙو اجلاس گهرائي آئينده جو لائحه عمل جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته هو تجويز ڏئي ٿو ته تڪراري آدمشماري خلاف ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪيو وڃي، سڄي سنڌ ۾ بيداري مارچ شروع ڪري سنڌ جي واهڻ وستين ۾ پهچي عوام کي خطرن کان آگاهي ڏني وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته آدمشماري رد ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو وڃي ۽ اهو ڌرڻو آدمشماري جا نتيجا رد ڪرائڻ تائين جاري رهڻ گهرجي.

پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناليواري ليکڪ ۽ تجزينگار  نصير ميمڻ چيو ته تڪراري آدمشماري جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا، سنڌ جو وڏو وزير پاڻ چئي چڪو آهي ته ڄاڻايل تڪراري آدمشماري جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا، پوءِ اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي جو سنڌ جو وڏو وزير سي سي آءِ اجلاس ۾ تڪراري آدمشماري جا نتيجا قبول ڪيا. هن چيو ته هو تڪراري آدمشماري جو ذميوار پ پ ۽ سنڌ حڪومت کي سمجهن ٿا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون