- Advertisement -
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي احتجاج ڪندڙن کي ڦاھي جي سزا ڏيڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي نشرياتي اداري فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو تھ ايران ۾ ماڻهن کي ڦاھي جي سزا ڏيڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، ماڻهن کي ڦاھي جي سزا ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته ايران ۾ معاشي مسئلن خلاف پرامن احتجاج ڏهه ڏينهن تائين جاري رهيو، جنهن کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين تشدد جاري رهيو، جيڪو اسرائيل طرفان منظم ڪيو ويو هو.
ايراني پرڏيهي وزير دعويٰ ڪئي ته احتجاج ۾ شامل عنصرن کي ٻاهرين ملڪن مان ڪنٽرول ڪيو پئي ويو، ڪجهه مظاهرين پوليس آفيسرن تي فائرنگ ڪئي، داعش جي طرز جون دهشتگرد ڪارروايون ڪيون ويون، پوليس آفيسرن کي جيئرو ساڙيو ويو.
پرڏيهي وزير عباس عراقچي دعويٰ ڪئي ته صورتحال هاڻي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ملڪ ۾ امن بحال ٿي چڪو آهي، ھو يقين سان چئي سگهي ٿو ته ڦاھي جي سزا لاڳو ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي……..
- Advertisement -
