- Advertisement -
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي تي ڪو به حملو مڪمل جنگ جو سبب بڻجي ويندو.
اسرائيل لاءِ اڳوڻي امريڪي سفير جي صدر ٽرمپ طرفان ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش جي دعويٰ تي رد عمل ڏيندي ايراني صدر چيو ته ايراني عوام جي ڏکيائين ۽ پريشانين جو سبب امريڪا ۽ ان جي اتحادين جي ڊگھي عرصي کان لڳايل غير انساني پابنديون آهن.
ايراني صدر جو چوڻ هو ته سپريم ليڊر خلاف ڪابه جارحيت ايراني قوم خلاف مڪمل جنگ برابر آهي.
واضع رهي ته اڳوڻي آمريڪي سفير ڊين شپيرو چيو هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
- Advertisement -
