- Advertisement -
پاڪستان ايران مسئلي جي پرامن حل جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي جو چوڻ آهي ته ايران مسئلي جو پرامن حل نڪرڻ گهرجي، ايران جي صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي، پرامن ايران پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اميد آهي ته حالتن تي جلد ضابطو آندو ويندو، هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهن ٿا.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي طاهر اندرابي چيو ته هو ايران مسئلي جو پرامن حل چاهن ٿا، پاڪستان امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.
سندس چوڻ هو ته هو ايران جي امن ۽ استحڪام جي حمايت ڪن ٿا، اميد آهي ته ايران پنهنجي بحرا تي جلد ضابطو آڻي وٺندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستانين لاءِ ويزا اميگريشن جي خبر ڏٺي آهي، ويزا معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهن، اميد آهي ته جلد پاڪستانين لاءِ ويزا اميگريشن جو سلسلو بحال ٿي ويندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان ڀارتي آرمي چيف جي بيانن کي رد ڪري ٿو، ڀارتي آرمي چيف جا الزام بي بنياد آهن.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي امير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري بحرين جي دوري تي آهي، صدر مملڪت دوري دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي بحث ڪيو ويندو.
طاهر اندرابي چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ فلسطين ۽ ڪشمير مسئلن کي اجاگر ڪيو.
- Advertisement -
