- Advertisement -
آمريڪي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل هڪ ٻئي تي حملي ۾ اڳرائي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران روس ذريعي هڪ ٻئي کي پيغام موڪليا، هڪ ٻئي کي خاطري ڪرائي وئي ته اهي هڪ ٻئي تي اڳواٽ حملو نه ڪندا.
واشنگٽن پوسٽ موجب ڊسمبر جي آخر ۾ ايران ۾ احتجاج شروع ٿيڻ کان اڳ، اسرائيلي عملدارن روس ذريعي ايراني قيادت کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل تي پهريان حملو نه ڪيو ويو ته اهي ايران خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪندا.
ان جي جواب ۾ ايران هڪ روسي چينل ذريعي پڻ پيغام موڪليو ته هو ڪنهن به اڳواٽ حملي کان پاسو ڪندو………
- Advertisement -
