- Advertisement -
ايران ۾ وقت کان اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن بعد ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب ايراني گهرو وزارت تصديق ڪئي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار کي اڪثريت يعني 50 سيڪڙو ووٽ نه ملڻ سبب ايران ۾ 5 جولاءِ تي ٻيهر صدارتي چونڊون ٿينديون، ٻئي مرحلي ۾ مسعود پزيشڪيان ۽ سعيد جليلي ۾ مقابلو ٿيندو.
ايراني گهرو وزارت موجب صدارتي چونڊن ۾ هلي تائين 2 ڪروڙ 45 لک ووٽ ڳڻيا ويا آهن، جن ۾ مسعود پيزشڪيان هڪ ڪروڙ 4 لک، سعيد جليلي کي 94 لک ووٽ مليا، محمد باقر کي 34 لک ۽ مصطفيٰ پور محمدي کي 2 لک ووٽ مليا آهن.
ايراني ميڊيا موجب صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ جمعي ڏينهن صبح اٺين وڳي شروع ٿي، جنهن ۾ رات ٻارهين وڳي تائين واڌ ڪئي وئي، پولنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.
ايراني اليڪشن ڪميشن موجب 28 جون تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته 2021ع ۾ ٿيل اليڪشن جو ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو هو……..- Advertisement -
