- Advertisement -
اين اين پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ، نون صوبن ۽ ٻين معاملن تي ڪٿي نه ڪٿي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 28 هين ترميم آڻي سڀ مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن 29 ترميم جي ضرورت نه پوي، چيف آف ڊفينس اسٽاف جي عهدي تي غير يقيني جي صورتحال آهي، حسيب جمالي جي ڪاميابي مان ثابت ٿي ويو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن.
نوشهري فيروز جي عدالت جتوئي ڀائرن خلاف اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي 17، 18 ۽ 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته گهڻا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا آھن جج پهريان به6 مهينا نه هو هاڻي به ناهي، راڻيپور ۽ سکر جا ڪيس ختم ٿي ويا، اهي به هلندا ته ختم ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم تي چيو هو ته ستاويهين ايندي جنهن ۾ گهڻا مسئلا اٿاريا ويندا، اين ايف سي ايوارڊ، نون صوبن ۽ ٻين معاملن تي ڪٿي نه ڪٿي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
اين اين پي سربراهه چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 28 هين ترميم آڻي سڀ مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن 29 ترميم جي ضرورت نه پوي، چيف آف ڊفينس اسٽاف جي عهدي تي غير يقيني جي صورتحال آهي.
غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته حسيب جمالي جي ڪاميابي مان ثابت ٿي ويو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، سندس مشن اقتدار ۾ اچڻ ناهي پر عوامي ڀلائي لاءِ ضرور اچڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، پنهنجي ريتن رسمن تي هلڻ ۽ ثقافت کي ياد رکڻ زنده قومن جو ڪم آهي.
- Advertisement -
