- Advertisement -
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته اڄ کان 29 اپريل تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيو آهي ته 26 کان 27 اپريل تي نوشڪي، پشين، هرنائي،زوب جي ندي نالن ۾ چاڙهه خدشو آهي
هن چيو ته 27 کان 27 اپريل تائين گوادر، ڪيچ، آواران جي مقامي ۽ برساتي نالن ۾ به ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب دير، سوات، چترال، مانسهره، ڪوهستان جي مقامي دريائن ۾ 27 کان 28 اپريل تائين ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 27 کان 29 اپريل تائين اپر خيبرپختونخواهه، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت ۾ تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سياح ۽ مسافر جابلو علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
اين ڊي ايم اي ترجمان موجب، اڄ ڪي پي، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به وسڪاري جو امڪان آهي جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به ڪٿي ڪٿي برسات پئجي سگھي ٿي.- Advertisement -
