- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي حل جي حمايت ڪري ٿو.
پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار چيو ته روس-يوڪرين جنگ جا خطي تي گهرو اثر پئجي رهيو آهن، تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته چيو ته پاڪستان کي روس-يوڪرين جنگ بابت خدشا آهن، ان جنگ جي نتيجي ۾ ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
عاصم افتخار جو چوڻ هو ته عالمي قانون تحت شهرين ۽ انفراسٽرڪچر جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.
پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته روس-يوڪرين تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، ڌرين کي تڪرار ۽ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ طرف وڌڻ گهرجي، ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ۽ ڳالهين ذريعي انهن کي حل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪرڻ گهرجي- Advertisement -
