- Advertisement -
ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل، فيڊرل بورف روينيو جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي خلاف 16 ارب کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس ريفنڊ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ۾ اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن موجب، ريفنڊ حاصل ڪندڙ 3 بينڪون، 2 سيميٽ ٺاهيندڙ ڪپنيون ۽ هڪ ڪيمڪل ڪمپني شامل آهي، اهي ڪمپنيون ۽ بينڪون چيئرمين ايف بي آر طور مقرري کان اڳ سندس فرم جون ڪلائنٽس هيون.
ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر چيئرمين طور شبر زيدي اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان مئي 2019 کان جنوري 2020 جي مدي دوران ڪيون.
ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل طرفان 29 آڪٽوبر تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ شبر زيدي، ايف بي آر اهلڪار ۽ بئنڪ انتظاميا کي نامزد ڪيو ويو.
ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انڪوائري نمبر 91/2025 جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب شبر زيدي جي بطور چيئرمين ايف بي آر دور ۾ 16 ارب رپين جي وڏي رقم غير مجاز طور مختلف ڪمپنين کي ادا ڪئي وئي، جيڪي سندس چيئرمين بڻجڻ کان اڳ سندس ڪلائنٽ رهيا هئا.- Advertisement -
