- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مچ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران شهيد 2 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مچ ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل لانس نائيڪ رحمت الله ۽ سپاهي محمد زمان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي شهيدن جي جنازي نماز ايف سي هيڊڪوارٽرز نارٿ ڪوئيٽا ۾ ادا ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 30 ورهين جي رحمت الله جو تعلق ڊيرا غازي خان ۽ 28 ورهين جي محمد زمان جو تعلق ٽانڪ سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا جتي سندن تدفين فوجي اعزاز سان ڪئي ويندي……….- Advertisement -
