تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

بنگلاديشي عدالت شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

- Advertisement -
بنگلاديشي عدالت شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، بنگلاديشي حڪومت ڀارت کان فوري طور شيخ حسينا واجد جي حوالگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل جي جسٽس محمد غلام مرتضيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جو ڏوهي قرار ڏنو. عدالت تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ، قتل جي حڪم جي الزام ۾ شيخ حسينه واجد کي عمر قيد ۽ ٻين ٽن ڪيسن ۾ موت جي سزا ٻڌائي. ٽربيونل طرفان شيخ حسينه واجد خلاف ڪيس جو فيصلو 453 صفحن تي ٻڌل آهي. شيخ حسينه خلاف عدالتي فيصلي وقت ملڪ ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا ۽ عدالتي فيصلي وقت شيخ حسينه واجد جي گهر ٻاهران احتجاج به ڪيو ويو. بنگلاديشي عدالت فيصلي ۾ چيو ته ليڪ فون ڪالز موجب حسينه واجد مظاهرو ڪندڙن شاگردن کي قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، هن شاگردن جا مطالبا ٻڌڻ کانسواءِ وڳوڙن کي هوا ڏني. شيخ حسينه واجد کي ڇهه ماڻهو ساڙڻ واري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت بنگلاديش جي اڳوڻي گهرو وزير اسد الزمان ڪمال کي به موت جي سزا ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته حسينه واجد ۽ اڳوڻو گهرو وزير اسد زمان ڪمال به اڃا تائين فرار آهن. فيصلي ۾ عدالت اهو به چيو ته عوامي ليگ سياسي سرگرميون جاري نه ٿي رکي سگهي. حسينه واجد پاڻ تي لڳل الزام ڪوڙا ۽ عدالتي فيصلو سياسي قرار ڏنو آهي. هوڏانهن بنگلاديشي حڪومت ڀارت کان فوري طور شيخ حسينا واجد جي حوالگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. بنگلاديشي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت ٻطرفي معاهدي تحت شيخ حسينا واجد ۽ اڳوڻي گهرو وزير جي حوالگي جو پابند آهي، انسانيت خلاف ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي پناهه ڏيڻ انصاف جي توهين هوندي…………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون