تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بنگلاديشي عدالت شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

- Advertisement -
بنگلاديشي عدالت شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، بنگلاديشي حڪومت ڀارت کان فوري طور شيخ حسينا واجد جي حوالگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل جي جسٽس محمد غلام مرتضيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن جو ڏوهي قرار ڏنو. عدالت تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ، قتل جي حڪم جي الزام ۾ شيخ حسينه واجد کي عمر قيد ۽ ٻين ٽن ڪيسن ۾ موت جي سزا ٻڌائي. ٽربيونل طرفان شيخ حسينه واجد خلاف ڪيس جو فيصلو 453 صفحن تي ٻڌل آهي. شيخ حسينه خلاف عدالتي فيصلي وقت ملڪ ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا ۽ عدالتي فيصلي وقت شيخ حسينه واجد جي گهر ٻاهران احتجاج به ڪيو ويو. بنگلاديشي عدالت فيصلي ۾ چيو ته ليڪ فون ڪالز موجب حسينه واجد مظاهرو ڪندڙن شاگردن کي قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، هن شاگردن جا مطالبا ٻڌڻ کانسواءِ وڳوڙن کي هوا ڏني. شيخ حسينه واجد کي ڇهه ماڻهو ساڙڻ واري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت بنگلاديش جي اڳوڻي گهرو وزير اسد الزمان ڪمال کي به موت جي سزا ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته حسينه واجد ۽ اڳوڻو گهرو وزير اسد زمان ڪمال به اڃا تائين فرار آهن. فيصلي ۾ عدالت اهو به چيو ته عوامي ليگ سياسي سرگرميون جاري نه ٿي رکي سگهي. حسينه واجد پاڻ تي لڳل الزام ڪوڙا ۽ عدالتي فيصلو سياسي قرار ڏنو آهي. هوڏانهن بنگلاديشي حڪومت ڀارت کان فوري طور شيخ حسينا واجد جي حوالگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. بنگلاديشي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت ٻطرفي معاهدي تحت شيخ حسينا واجد ۽ اڳوڻي گهرو وزير جي حوالگي جو پابند آهي، انسانيت خلاف ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي پناهه ڏيڻ انصاف جي توهين هوندي…………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون