تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بنگلاديش جي تاريخي ڪاميابي، پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ فارميٽ ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو

- Advertisement -
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 2-0 تان کٽي ورتي. بنگلاديش گذريل هفتي پهرين ٽيسٽ 10 وڪيٽن تان کٽي هئي جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 6 وڪيٽن تي 448 رنسن تي اسڪور ڪرڻ کانپوءِ ڊڪليئر ڪئي هئي. اڄوڪي سيريز ۾ ڪاميابي بنگلاديش جي پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ٽين ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي آهي ۽ پاڪستان خلاف پهرين ..! بنگلاديش جا سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار ڪرڪيٽر ، مشفيق الرحيم ۽ شڪيب الحسن ڪريز تي موجود هئا جنهن وقت انهن پاڪستان خلاف سيريز وائيٽ واش ڪري تاريخ رقم ڪئي، پهرين ٽيسٽ ۾ به ٻنهي سينيئر ڪرڪيٽرن ڀرپور ملهايو هو، مشفيق 191 رنسون ٺاهي بنگلاديش کي پهرين اننگز ۾ 565 رنسن تائين پهچايو هو، جڏهن ته شڪيب 44 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون وٺي پاڪستان کي 146 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 8 فيبروري 2021 تي پاڪستان آخري ڀيرو هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کٽي هئي، جڏهن ڏکڻ آفريڪا خلاف 95 رنسن جي تان ڪاميابي ماڻي هئي، هوم گرائونڊ ۾ ٿيل آخري 10 ٽيسٽ ميچن مان اها پاڪستان کي ڇهين شڪست ٿي آهي شان مسعود جي ڪپتاني ۾پاڪستان کي مسلسل پنجن ميچن ۾ شڪست ٿي آهي، جڏهن ته اها پاڪستان جي ريڊ بال هيڊ ڪوچ جي حيثيت سان جيسن گلسپي لاءِ به هڪ نه وسرندڙ شروعات هئي بنگلاديش خلاف وائيٽ واش ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جو آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ جون اميدون به ختم ڪري ڇڏيون آهن. لٽن داس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو جنهن پهرين اننگز ۾ 138 رنسون ان وقت اسڪور ڪيون جنهن وقت بنگلاديش جا 6 رانديگر صرف 26 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪا هئا مهدي حسن ميراز کي سيريز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.9 ° C
4.9 °
4.9 °
67 %
1.4kmh
8 %
اربع
11 °
خميس
13 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون