- Advertisement -
تنگواڻي ويجهو بااثر، نينگر تي سارين جي چوري الزام ۾ تشدد ڪري کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ علي مراد لاشاري ۾بااثر شاهمراد لاشاري سارين جي چوري جي الزام ۾ اٺن سالن جي عذير پٽ منظور لاشاري کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس تشدد جو نشانو بڻيل نينگر کي پاڻ وٽ رکڻ کان انڪار ڪندي کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
نينگر جي بااثر خلاف دانهڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ويڊيو ۾ نينگر چئي رهيو آهي ته ڳوٺ جي بااثر بنا ڪنهن سبب جي کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
