تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تنگواڻي ۾ وين نه بيهارڻ تان ڊرائيور قتل، وارثن ۽ ٽرانسپورٽرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

- Advertisement -
تنگواڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ويگن ڊرائيور قتل ٿي ويو، جڏهن ته وارثن ۽ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ تي صيفل اسٽاپ ويجهو هٿياربندن ويگن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، نه بيهڻ تي فائرنگ ڪري ڏني. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ويگن ڊرائيور يعقوب ٻرڙو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته صيفل اسٽاپ ويجهو هٿياربندن ويگن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، نه بيهڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور قتل ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف مقتول جي وارثن ۽ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران صيفل اسٽاپ وٽ حميد الله مري، قربان ملڪ، رحمدل لاشاري، وقار احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته پوليس چوڪي سامهون ڦورو ڊرائيور کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس ڪجهه به نه ڪيو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون