- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ججن جي استعيفيٰ آئين، انصاف ۽ جمهوريت جي مضبوطي جا خواب ڏسندڙن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هاڻي جسٽس شمس محمود به سندن صف ۾ شامل ٿي ويو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته اطهر من الله ججن جي بحالي تحريڪ دوران فرنٽ لائن جو ساٿي رهيو، جج بنجھن کانپوءِ ڪڏهن ساڻس ملاقات نه ٿي، سندس نظر ۾ هو عدليا جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ايماندار ماڻهن مان هڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته جسٽس منصور علي شاهه کي لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس طور شاندار ڪم ڪندي ڏٺو، هو بنا شڪ شبهي جي ڪنهن دٻاءَ ۾ اچڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم ڪندو آهي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جسٽس شمس محمود مرزا جو شمار لاهور هائيڪورٽ جي سٺي ساک رکندڙ ججن ۾ ڪيو ويندو آهي، استعيفيٰ ڏيندڙ ججن جي عدالتي فيصلن سان اختلاف ۽ سندن شڪايتن باوجود هو ججن جي قابليت ۽ عام انصاف پسندي جو قائل رهيو آهي.
خواجا سعد رفيق چيو ته جسٽس محمود مرزا تي سلمان اڪرم راجا سان رشتيداري جو الزام لڳائڻ ٻاراڻو عمل آهي، سندن ڄاڻ موجب، رشتيداري ڪڏهن سندس ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪئي.
هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ به سپريم ڪورٽ جا 2، 3 جج استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن پر هاڻي استعيفيٰ ڏيندڙ ججن جي استعيفائن کي پهرين استعيفائن سان ڳنڍڻ ناانصافي هوندو، سندن راءِ موجب عدالتي توازن لاءِ استعيفيٰ ڏيندڙ جج قيمتي هئا.
مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هڪ سياسي ساٿي جي حيثيت سان ججن جي استعيفائن تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، جيڪڏهن ججن جي استعيفائن کي ڌڙا بندي جي سياسي عينڪ سان ڏٺو وڃي ته منظرنامو سٺو نظر اچي ٿو پر اڻڌري نظر سان ڏٺو وڃي ته ججن جي استعيفيٰ آئين، انصاف ۽ جمهوريت جي مضبوطي جا خواب ڏسندڙن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
خواجا سعد رفيق چيو ته نظر اچي رهيو آهي ته استعيفائن جو اهو سلسلو بند نه ٿيندو پر عدليا کان ٿيندو پارليامينٽ تائين ويندو، ياد رکڻ گهرجي ته هر مخالف کي پڪڙي سگهجي ٿو نه ئي ملڪ دشمن قرار ڏئي سگهجي ٿو.
هن چيو ته هڪ ذميوار رياست معاملن کي ٿڌو رکندي آهي، دشمنن ۾ وڪوڙيل ايٽمي پاڪستان آخر ڪيستائين ۽ ڪڏهن تائين اندروني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيندو؟، پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ نوان تڪرار پيدا ڪرڻ دانشمندي ناهي؟، استعيفائن تي دهل وڄائڻ بدران پيدا ٿيندڙ فالٽ لائنز ختم ڪرڻ جو فڪر ڪرڻ ئي مناسب عمل هوندو.- Advertisement -
