تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي سياسي معاملن جي خاص مددگار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ٻه ڀيرا مخالف ڌر کي ايوان جي فلور تي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي، هن اها به آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر اسپيڪر جي چيمبر ۾ ڳالهائي ته هو پاڻ اتي ايندو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم مخالف ڌر کي ميثاق استحڪام جمهوريت لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي. راڻا ثناءُ الله جيل جي ملاقاتن جي حوالي سان چيو ته اهي مڪمل طور تي قانون ۽ انصاف جي مطابق ٿينديون آهن ۽ قانون ڪنهن به قيدي کي جيل ۾ ويٺي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ملاقات دوران پنهنجي ڀيڻ کي امن امان خراب ڪرڻ ۽ پارٽي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. سينيٽر راڻا ثناءُ جو چوڻ هو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته اهو حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته جن سان هو ڳالهائڻ چاهي ٿو اهي هن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي ڀيڻ سان ملاقات دوران خانداني معاملن تي نه ڳالهايو پر مالي معاملن ۽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يا خارج ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته هنن جو اصولي موقف آهي ته سڀئي ملاقاتون قانون جي مطابق ٿيڻ گهرجن ۽ رياست جو امن امان متاثر ڪندڙ ملاقاتن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڳالهين جو رستو اڄ به کليل آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي ڪميٽي ٺاهڻي آهي ته لاڳاپيل ڌر کي پهريان پنهنجي قيادت سان ڳالهائڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
25 %
2.5kmh
96 %
اڱارو
23 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون