تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي سياسي معاملن جي خاص مددگار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ٻه ڀيرا مخالف ڌر کي ايوان جي فلور تي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي، هن اها به آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر اسپيڪر جي چيمبر ۾ ڳالهائي ته هو پاڻ اتي ايندو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم مخالف ڌر کي ميثاق استحڪام جمهوريت لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي. راڻا ثناءُ الله جيل جي ملاقاتن جي حوالي سان چيو ته اهي مڪمل طور تي قانون ۽ انصاف جي مطابق ٿينديون آهن ۽ قانون ڪنهن به قيدي کي جيل ۾ ويٺي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ملاقات دوران پنهنجي ڀيڻ کي امن امان خراب ڪرڻ ۽ پارٽي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. سينيٽر راڻا ثناءُ جو چوڻ هو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته اهو حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته جن سان هو ڳالهائڻ چاهي ٿو اهي هن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي ڀيڻ سان ملاقات دوران خانداني معاملن تي نه ڳالهايو پر مالي معاملن ۽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يا خارج ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته هنن جو اصولي موقف آهي ته سڀئي ملاقاتون قانون جي مطابق ٿيڻ گهرجن ۽ رياست جو امن امان متاثر ڪندڙ ملاقاتن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڳالهين جو رستو اڄ به کليل آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي ڪميٽي ٺاهڻي آهي ته لاڳاپيل ڌر کي پهريان پنهنجي قيادت سان ڳالهائڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون