تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جنگي جنون ۾ ورتل اسرائيل شهري آبادين، اسپتالن ۽ عبادت گاهن کي بخش نه ڪيو، گرجا گهر تي به بمباري، پناهه وٺندڙ 10 شهري شهيد

- Advertisement -
اسرائيل شهري آبادين، اسپتالن ۽ عبادت گاهن کي  به بخش نه ڪيو، غزا جي تاريخي گرجا  گهر تي به بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پناهه وٺندڙ 10فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت سبب 15 سئو کان وڌيڪ ٻارن سميت شهيد فلسطينن جو انگ 4 هزار 3 سئو کان وڌي ويو جڏهن ته هن وقت تائين 14 هزار شهري زخمي ٿي چڪا آهن. غزا پٽيءَ تي اسرائيلي بمباري ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي چڪا آهن، اسرائيلي ظلم جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين جو انگ به 10 لک تائين پهچي ويو آهي. اسرائيلي فوج طرفان شيبا فارمز ڀرسان ڏکڻ لبنان تي به بمباري ڪئي وئي. آمريڪي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم جي حمايت ملڻ کانپوءِ ڪنهن به وقت غزا تي اسرائيلي فوج جي زميني حملي جو به امڪان پيدا ٿي ويو آهي. حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب تڪرار علاقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ اسرائيل ۽ سندس حامين جي هٿن مان نڪري ويندو. مصر کان غزا جي رفاح ڪراسنگ به نه کلي سگهي جڏهن ته غزا ۾ ڦاٿل فلسطيني امداد جي اوسيئڙي ۾ ئي رهجي ويا ۽ امدادي ٽرڪن کي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي سگهي. غزا جي اسپتالن ۾ بجلي بند آهي ۽ ٻارڻ ختم ٿيڻ تي جنريٽر به بند ٿي ويا جڏهن ته اسپتالن جو عملو موبائل فون جي ٽارچ جي روشني ۾ آپريشن ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. خان يونس اسپتال جي ڊاڪٽر پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ڪو به آءِ سي يو بيڊ موجود ناهي وڌيڪ جانيون بچائي نٿا سگهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
20 %
0.7kmh
3 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون