تازه ترين

جيستائين جنگ جاري رهندي يوڪرين کي فوجي امداد به جاري رکي ويندي : برطانوي وزيراعظم

- Advertisement -
برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽامر چيو آهي ته جيستائين جنگ جاري رهندي يوڪرين کي فوجي امداد به جاري رکي ويندي، روس تي اقتصادي دٻاءُ ۾ اضافو ڪيو ويندو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ يوڪرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ برطانيا ۾ يورپي اڳواڻن جو سربراهي اجلاس ٿيو. برطانوي وزيراعظم اسٽارمر اجلاس دوران پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يورپي ملڪن کي يوڪرين جي سلامتي لاءِ دفاعي ڪوششون وڌائڻيون پونديون، يوڪرين جي سلامتي ۾ پوري خطي جو استحڪام آهي. اسٽارمر چيو ته اجلاس ۾ شريڪ سربراهن چار اهم نڪتن تي اتفاق ڪيو، مستقل امن يوڪرين جي سلامتي ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائيندو، ڪنهن به امن ڳالهين جي ميز تي يوڪرين کي موجود هجڻ گھرجي، امن معاهدي جي صورت ۾ يورپي اڳواڻ مستقبل ۾ روس جي حملي کي روڪڻ هدف بڻائيندا. برطانوي وزيراعظم چيو ته برطانيا جي حڪومت يوڪرين کي يوڪي ايڪسپورٽ فنانس جا هڪ ڏهائي 6 ارب پائونڊ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، يوڪرين ان رقم سان 5 هزار کان وڌيڪ ايئر ڊفينس ميزائل خريد ڪري سگھندو. اجلاس ۾ يوڪريني صدر زيلنسڪي، ڪينيڊا، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ٻين يورپي اڳواڻن سميت نيٽو جي سيڪريٽري جنرل، يورپي ڪميشن ۽ يورپي ڪائونسل جا صدر شريڪ هئا….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون