- Advertisement -
جي سيون ملڪن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه امن منصوبي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.
ڪينيڊا ۾ جي سيون ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ غزه جي صورتحال، يوڪرين روس جنگ سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
جي سيون ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اجلاس کانپوءِ گڏيل پڌرائي ۾ اسرائيلي يرغمالين جي باقيات جي فوري واپسي تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزيرن غزه ۾ امداد پهچائڻ ۾ رنڊڪن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورين ڌرين سان بنا رڪاروٽ وڏي پيماني تي غزه ۾ انساني امداد جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
جي سيون پرڏيهي وزير يوڪرين جي توانائي ڍانچي تي روس جي حملن جي مذمت ڪندي يوڪرين-روس جنگ بندي تي زور ڏنو.
برطانيا روسي حملن سبب تباهه ٿيل بجلي، پاڻي ۽ توانائي جي ٻين بنيادي ڍانچن جي بحاليءَ ۾ مدد لاءِ يوڪرين کي 17 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو………
- Advertisement -
