- Advertisement -
حيدرآباد ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن دوران علائقي واسين حيسڪو عملي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
حيسڪو ٽيم رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن سان گڏجي سب ڊويزن حالي روڊ جي بدين چالي واري علائقي ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو.
حيسڪو ترجمان جو چوڻ هو ته بجلي چورن خلاف آپريشن دوران مڇريل ماڻهن حيسڪو عملي مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.
حيسڪو ترجمان موجب پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جوابي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، پوليس ۽ رينجرز جي وڌيڪ نفري پڻ علائقي ۾ پهچي وئي آهي.
حيسڪو ترجمان جو چوڻ هو ته ڄاڻايل علائقي ۾ اڳ به آپريشن دوران حيسڪو عملي تي حملو ڪيو ويو هو.
ترجمان جو چوڻ هو ته علائقي ۾ 7 ٽرانسفارمر لڳل آهن جن تي 50 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن.
- Advertisement -
