- Advertisement -
حيدرآباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.
نوراني بستي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زبير عرب زبي ۽ آصف عرف چيمه مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
واقعي بعد مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي لي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب شروعاتي جاچ مان واقعو دشمني لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن.
هوڏانهن پوليس سول اسپتال ۾ مارجي ويلن جي وارثن طرفان هڪ شڪي شخص تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
وارثن جي نشاندهي تي پوليس شڪي شخص کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو…
- Advertisement -
