- Advertisement -
ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته حڪمرانن اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي سنڌ جي نياڻين تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ بيان ۾ چيو آهي ته جمهوريت جي دعويدارن طرفان سياسي سماجي سرگرميون روڪڻ بدترين آمريت آهي.
زين شاهه جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ ۽ هيسائڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمران آمريت مڙهڻ لاءِ ۽ سياسي سماجي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ اهڙي قسم جا ڪيس داخل ڪري سنڌ اندر سياسي ۽ سماجي سرگرمين تي پابندي مڙهي آهي.
سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن جي مٿان ٿيل ايف آئي آر جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته حڪمرانن کي چتاءُ ڏيون ٿا ته سڀاڻي جيڪڏھن توھان اهڙي قسم جا بنياد وجهي سنڌ اندر سياسي سماجي سرگرمين تي پابندي مڙهي ته پوءِ اوهان جي لاءِ به ماحول بهتر نه رهندو.
سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙن طرفان سياسي سماجي سرگرمين کي روڪڻ کي اهي بدترين آمريت سمجهن ٿا.
زين شاهه جو چوڻ هو ته حڪمران پارٽي اقتدار جي نشي ۾ ڌُت ٿي سنڌ جي نياڻين تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اهڙو عمل سنڌ جي روايتن جي خلاف ۽ جمهوريت دشمن عمل آهي، جنهن جي اهي ڀرپور مذمت ڪن ٿا…..
- Advertisement -
