تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ تصويرن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ تصويرن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پوليس ۽ رياستي مشينري کي نقصان پهچايو ويو آهي، پي ٽي آءِ وارا گاڏيون ۽ جتيون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، ڪڏهن 100 ته ڪڏهن 12 ۽ ڪڏهن وري پنجن لاشن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف وارا پرڏيهه ۾ پاڪ فوج خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حڪومت ملڪي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ملڪ جي معيشيت هن وقت ترقي جي رستي تي هلي رهي آهي، پاڪستان ۾ ستن مهينن دوران ڪيترن ئي پرڏيهي وفدن دورو ڪيو. سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي بحالي پاڪستان لاءِ سٺي خبر آهي، جڏهن ته ملڪي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف وارا لاشن جي سياست ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارا لاشن بابت پراڻي وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي هلائي رهيا آهن، رياست فيصلو ڪيو آهي ته ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته بشريٰ بي بي طرفان ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف وارا سڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي تصوير به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بليو ايريا جي روڊ کي رت سان رڱيل ڏيکاريو ويو هو، جنهن بعد هن روڊ تي وڃي وڊيو ٺاهي ۽ هڪ هڪ انچ ڏيکاريو ڪٿي به رت جو داغ نه هو. عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پوليس ۽ رياستي مشينري کي نقصان پهچايو ويو آهي، پي ٽي آءِ وارا گاڏيون ۽ جتيون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، ڪڏهن 100 ته ڪڏهن 12 ۽ ڪڏهن وري پنجن لاشن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف وارا پرڏيهه ۾ پاڪ فوج خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
25 %
2.5kmh
96 %
اڱارو
23 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون