- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته خالد مقبول صديقي ايم ڪيو ايم جو بيوس سربراهه آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته خالد مقبول صديقي بيوس سربراهه آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪابه حيثيت ناهي، متحده پي ايس پي مافيا جي وڪڙ ۾ آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ پنهنجا اختلاف آهن، متحده جماعت اسلامي وارو ڪم ڪيو آهي، مڪاني ادارن جي تباهي جو ذميوار پراڻو ميئر آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪي ڊي اي کان 3 ارب رپين جو پلاٽ سنڌ سرڪار خريد ڪري رهي آهي، پ پ ڪم شروع ڪيو ته ايم ڪيو ايم ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته حددخلين کي روزگار سان جسٽيفاءِ نه ڪرڻ گهرجي، روڊن تان حددخليون ختم ڪيون وڃن.
هن چيو ته روڊن تي ٽريفڪ جام ٿيندي آهي ته ماڻهو حڪومت تي ئي تنقيد ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اڪبري فٽبال گرائونڊ بحالي کانپوءِ عالمي معيار جو ٿي ويو آهي.- Advertisement -
