- Advertisement -
خانپور ڀرسان اغوا ٿيل ويل پوليس اهلڪارن کي بازياب ٿي ويا، جڏهن ته مخبري ڪري اهلڪارن کي اغوا ڪرائيندڙ هڪ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي سڪارپور عرفان سميَ جو چوڻ آهي ته شڪارپور واسي مغوي پوليس اهلڪار صديق ملڪ ۽ امداد سومرو کي اسپشل ٽيم ڪوٽ شاهو جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرايو آهي.
سندس چوڻ آهي ته مخبري ڪري اھلڪارن کي اغوا ڪرائيندڙ پوليس اھلڪار عرفان ڪرسي جتوئي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آھي.
ايس ايس پي موجب، گرفتار پوليس اهلڪار عرفان ڪرسي جتوئي بڊاڻي جتوئي ڏوھاري گينگ سان گڏجي اھلڪارن کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو.
هن چيو ته پوليس کاتي ۾ لڪيل ڪارين رڍن سبب پوليس جي بدنامي ٿي رھي آھي، اهڙن اهلڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪي و ويندو.
واضع رهي ته بازياب ٿيل اهلڪار صديق ملڪ ۽ امداد سومرو کي ھڪ ڏينھن اڳ خانپور ٿاڻي جي حد ڏھ ميل واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو ھو.- Advertisement -
