تازه ترين

خضدار واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
- Advertisement -

بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس اطلاع تي ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي تي آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان بارود ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد دهشتگردي جي مختلف سرگرمين ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
37 %
3.3kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون