- Advertisement -
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته خون جي حساب لاءِ افغانستان ۾ داخل ٿيڻ پاڪستان جو حق آهي، افغان حڪومت پاڪستان خلاف پنهنجي زمين استعمال نه ٿيڻ جي ضمانت نه ڏئي سگهي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته سندن مٽيءَ جي تقدس جي لتاڙ ٿيڻ نه ڏني وڃي، هو به اوهان جي ڌرتي تي آڱر کڻڻ نه ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته ڪابل حڪومت ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪابه ضمانت ناهي ڏئي سگهي ته سندن ڌرتي پاڪستان خلاف ڀارتي حمايت يافته فتنه استعمال نه ڪندا.
بچاءَ واري وزير چيو ته هزارين طالبان کي پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪيو، اڄ به تحريڪ انصاف دهشتگردن سان ڳالهين حمايت ڪري رهي آهي، سالن کان سندن فوج ۽ عوام جو رت وهايو پيو وڃي.
خواجا آصف چيو ته افغان حڪومت سان سالن تي ٻڌل ڳالهين ۽ وفدن جي ڪابل اچڻ وڃڻ باوجود پاڪستان ۾ رتوڇاڻ بند ناهي ٿي سگهي، روزاني فوجي جوانن جا جنازا کڄي رهيا آهن.
هن چيو ته 60 لک افغان پناهگيرن جي 60 سالن جي مهمان نوازري جي قيمت هو پنهنجي رت سان ادا ڪري رهيا آهن.
بچاءَ واري وزير چيو ته وقت اچي ويو آهي ته افغان مهمان پنهنجي گهرن ڏانهن وڃن ۽ اها مفت بري ۽ محسن ڪشي بند ڪريو.
خواجا آصف چيو ته اهي ڪهڙا مهمان آهن جيڪي ميزبانن جو رت وهائيندا آهن ۽ قاتلن کي پناهه ڏيندا آهن.- Advertisement -
