خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امن گنڊاپور کي پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صدارت تان هٽائي ڇڏيو

spot_img
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امن گنڊاپور کي پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صدارت تان هٽايو ويو آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي  آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا  چيو ته علي امين گنڊاپور کي پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صدارت تان هٽايو ويو آهي. هن چيو ته ايم اين اي جنيد اڪبر کي پي ٽي آءِ ڪي پي جو صدر نامزد ڪيو ويو آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته علي امين گنڊاپور تي وڏي وزير طور وڏيون ذميواريون آهن ۽ صوبي کي امن امان جي صورتحال جو به مسئلو آهي، کيس پارٽي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو سندس خواهش تي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مشال يوسفزئي بشريٰ بيبي جي ترجمان آهي، جڏهن ته پارٽي جي ترجمانيءَ لاءِ پارٽي ۾ ئي مختلف ذميوار موجود آهن. سلمان اڪرم راجا چيو ته علي امين گنڊاپور کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ وارو فيصلو جنيد اڪبر جي پي ٽي آ ءِ باني سان ملاقات دوران  ڪيو ويو. پي ٽي  آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي 28 جنوري تي ڪرائي ٿي ته پوءِ ڏٺو ويندو، سندن موقف آهي ته پهريان ڪميشن ٺاهي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون