تازه ترين

دادو ويجهو بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربند فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
دادو ويجهو بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربند فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن عدالت مان حاضري تان واپس ايندڙ ٽن ڄڻن مٿان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب اصغر بروهي موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته محمد خان سيال ۽ رشيد چانڊيو زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل شخص جو مڙهه ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جي وارثن راجا بروهي جو چوڻ هو ته مقتول ۽ سندس دوست دادو جي عدالت مان ٻڌڻي بعد واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته لشڪر بروهي، محمود بروهي ۽ ٻين فائرنگ ڪري اصغر بروهي کي قتل ڪيو ۽ سندس دوستن کي زخمي ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث حوالي ڪيو ويو جيڪي اباڻي ڳوٺ عارب کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، وڌيڪ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي جلد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.2 ° C
8.2 °
8.2 °
29 %
2kmh
6 %
آچر
9 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °
خميس
10 °

تازه ترين خبرون